اهير ڀيرو اهير ڀيروون

اهير ڀيرو، اهير ڀيروون راڳڻي :هي ڀيرو ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. هن ۾ مڌم چٽو ڪري لڳايو ويندو آهي، پور وانگ ۾ ڀيرو جو انگ ۽ اترانگ ۾ ڪافي ٺاٺ سان ملندڙ آهي، اهيري ڀيروين ۽ ٽوڙي ٺاٺن ۾ به ڄاڻايل آهي. ڀائو ڀٽ پنڊت ڀيرون جا ڏهه قسم لکيا آهن، جيڪي هي آهن. 1- آڍو ڀيرون 2- کاڊو ڀيرون 3- سمپورن ڀيروون 4- بسنت ڀيروون 5- آنند ڀيروون 6- نند ڀيرون 7- سُر ناڪر شن ڀيروون 8- گنڌار ڀيروون 9- رام ڀيروون 10- ڀولي ڀيروون، انهن مان رڳو ڪجهه قسم مروج آهن.
هن جو خاص سرگرم هي آهي: گي کي را سا- سا سا را سا- نا سا را سا- نِا ساگي- گي گي ما- گي ما را پا- گي ما را سا- را را سا- گي را گي ما- ما ما پا گي ما را- را سا- سا را سا ما- گي راگي ما- ما ما پا گي- ما را- را سا سا را سا ما- گي را سا پا- گي ما پا- گي ما پا گي- ما گي را سا آهي. هن جي آروهي- ساراگي ما پا ڌي نا سا ۽ امروهي- سانا ڌي پا ما گي را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر کرج ۽ سموادي مڌم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو